روهڙي : ڇوھارا مارڪيٽ جي رھواسڻ عورت مائٽن سان گڏ ڏيرن ۽ روھڙي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)  روهڙي جي  ڇوھارا مارڪيٽ جي رھواسڻ عورت مسمات مينا ميراڻي  مائٽن سان سڏ   ڏيرن ۽ روھڙي پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاھرو ڪري  سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي  متاثر عورت ٻن ٻارڙن جي امڙ  مينا ميراڻي صحافين کي ٻڌايو ته سندس  ڏير گلزار ۔قربان ۔ عبدالغني ميراڻي ڪارنھن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪرڻ چاھن ٿا  جڏھن ته منھنجي مڙس ولي  محمد کي زوري طلاق ڏيڻ جي انڪار تي روھڙي ٿاڻي تي گرفتار ڪرائي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد 13 ڊي جي ڪيس ۾ چالان ڪرائي جيل موڪليو ويو آهي ۔ ھن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر  کان مطالبو ڪندي  چيو ته کيس  ڏيرن مان جان جو خطرو آھي  تحفظ ڏئي حياتي بچائي مڙس مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي جوابدارن خلاف  قانوني  ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

پاڪستان ۾ روڊ حادثن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته جيئن روڊ حادثن کان قيمتي جانين کي بچائي سگهجي ؛اڳواڻ

Read Next

جميعت علماء اسلام سکر پاران کير ٿر ۽ ٻين ڪئنالن تي 16 مسجدن کي شھيد ڪرڻ واري عمل خلاف تحفظ مسجد ڪميٽي قائم ڪري ورتي

Most Popular