اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي امڙ شميم اختر لاڏاڻو ڪري وئي

لنڊن: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي امڙ بيگم شميم اختر لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي امڙ بيگم شميم اختر  گهڻو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ لاڏاڻو ڪري وئي. (ن) ليگ اڳواڻ عطاءُالله تارڙ نوازشريف جي امڙ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.خانداني ذريعن موجب سينٽرل جيل ڪوٽ لکهپت ۾ قيد شهباز شريف کي ان جي امڙ جي لاڏاڻي جي خبر پهچائي وئي آهي. واضح رهي ته نوازشريف جي امڙ سخت بيمار هجڻ جي باوجود فيبروري ۾ لنڊن روانو ٿي هئي ڊاڪٽرن کيس ڊگهي سفر کان  منع ڪيو هو پر هن پنهنجي پٽ ڏانهن وڃڻ جو چيو هو.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ اوڻهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

موٽر وي زيادتي ڪيس مان متاثر فلم(شينو گئي) ڪڏهن رليز ٿيندي؟

Most Popular