ناليواري سماجي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاهه کنڀجڻ خلاف وارثن جو احتجاج

 حيدرآباد (رپورٽر ) ناليواري  سماجي اڳواڻ  سيد ذوالفقار  علي شاهه جي ڀيڻ  سيد صدف  شاهه  سندس  زال فاطمه  شاهه  ، ماءُ شهر بانو ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب  ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي  چيو ته   نومبر2013 ع  تي  علاج جي سلسلي  ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه  ڀارت  ويو هو ، جتان واپسي تي لاهور مان 4 نومبر تي  آيو  جتان کيس  هڪ گاڏي ۾ ويهاري  کنڀي گم ڪيو ويو  آهي جنهن جو 7 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو آهي .  هن چيو ته ڀارتي آرمي  به سيد ذوالفقار شاهه سخت ذهني پريشاني ۾ مبتلا ڪيو . جنهن سبب هو سمهي به نه سگهندو هو . هنن  آرمي چيف کي اپيل ڪئي ته سيد ذوالفقار شاهه کي بازياب ڪرايو وڃي  جيڪڏهن ڪو مٿس  ڪيس داخل آهي ته  ڪيس هلائي  کيس صفائي جو موقعو ڏنو وڃي .

Read Previous

خيرپور جي واپڊا اسڪارپ ڪالوني جي رهواسين جو اسڪارپ ڪالوني جا گهر ڊاهڻ خلاف مين گيٽ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي

Read Next

هن ڀيري بنا امتحانن جي ٻارن کي پروموٽ نه ڪيو ويندو: سعيد غني

Most Popular