ن ليگ قائدين ميان نواز شريف ۔ميان شھباز شريف جي امڙ جي فوت ٿيڻ تي سوڳ سبب سنڌ ۾ اڄ کان سياسي سرگرگميون معطل رهنديون

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھ چيو آھي ته ن ليگ قائدين ميان نواز شريف ۔ميان شھباز شريف جي امڙ جي فوت ٿيڻ تي سوڳ سبب سنڌ ۾ اڄ کان سياسي سرگرگميون معطل رهنديون حڪومت ۾ جيڪڏهن انسانيت باقي آھي ته ميان نواز شريف کي ملڪ اچڻ ۾ رڪاوٽون نه وجهي مجوده حڪومت ڪنٽينر ڪرونا آھي جنهن ملڪ کي هر سطح تي تباه ڪري پئي جنهن کان بچڻ لاء ان جو علاج حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ آھي اهڙو اظھار هن  سکر ۾ ن ليگ جي ضلعي آفيس جو افتتاح ڪرڻ واري موقعي تي ضلعي آفيس ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي صوبائي سينئر نائب صدر ڊاڪٽر وشنداس۔ڊويزنل صدر سکر امداد بلو۔ڊويزنل صدر لاڙڪاڻو احسان سومرو ۔ضلعي صدر سکر خورشيد احمد ميراڻي۽۔ضلعي صدر شڪارپور دوست محمد چانڊيو ۽ ٻيا به موجود هئا سيد شاھ محمد شاھ وڌيڪ چيو ته عوام کي گهرجي ته جيترو جلدي ڪنٽينر ڪرونا حڪومت مان جان آجي ڪرائيندا وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي ٿو پي ڊي ايم جلسن سبب ڪرونا ڦھلجڻ ۽ جلسا ڪرائيندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ واري سوال جي جواب ۾ صوبائي صدر چيو ته حڪومت پاڻ جلسا ڪري ڪرونا جو ڦھلاء ڪيو آھي ۽ هاڻي هو پي ڊي ايم جي جلسن کان خوف زده ٿي ڪرونا جو شوشو ڇڏيو آھي پي ڊي ام جي جلسن ۾ عوامي سمنڊ ڏسي عمران حڪومت گهٻرائجي وئي آھي پي ڊي ايم پشاور کان پوء ملتان ۽ لاهور ۾ به ضرور جلسا ڪندي حڪومت عوام کي روڪي ڏسي قائدين جي امڙجي تدفين۽ تڏو کڻڻ بعد وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته شريف خاندان جي سمورن ميمبرن کي تدفين ۾ شامل ٿيڻ اجازت ڏيڻ گھرجي  ۔نواز شريف سندس خاندان مٿان داخل ڪيس به ختم ڪرڻ گھرجن ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري اعظم خان۔سيعد مغل۔حافظ شير محمد الرو۔گل حسن کوسو۔ربنواز مري ۽ ٻيا به مجود هئا

Read Previous

حاتا محله ميھڙ ۾ 4 ڏينھن اڳ شهرين پاران موٽرسائيڪل چوري ڪندي پڪڙيل جوابدار امير سولنگي کي پوليس جوهي ڀرسان ھاف ڦرائي ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪورونا کان احتياط ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو ڊي شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن تي نڪري پيو ۽ سوين ماڻهن ۾ ماسڪ ورهائي ويا

Most Popular