ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا ترقي پسند پارٽي سانگهڙ جو احتجاجي مظاهرو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا ترقي پسند پارٽي سانگهڙ جو احتجاجي مظاهروضلع صدر علي ڏنو ضلع اڳواڻ عبد الجبار جوڻيجو شاهنواز نائچ سليم رضا ڏاهري اسمائيل جوڻيجو ڏاڙهون جانوري سني جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند هاوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو اڳواڻن چيو ته وائيس چيئرمين ۽ سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل کي ٽي هفته گذري ويا مگر پوليس سندس قاتل گرفتار نه ڪري سگهي برادري رنگ ڏئي ڪيس خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي شهيد جي قاتلن جي گرفتاري تائين ترقي پسند احتجاجن جو سلسلو مرحليوار جاري رهندو .

Read Previous

سجاول شھر ۾ حددخلين خلاف ڪاروائي ڪرڻ کانپوء سياسي ماڻھن طرفان آفيسرن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف وڪيل اڳتي اچي ويا

Read Next

سانگهڙ : پيٽروليم سوشل ويلفيئر ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر نويد ڏيرو جي صدارت هيٺ اجلاس

Most Popular