ڪرڪيٽر حسن علي جي ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي جي ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل. حسن علي ۽ ساميعه جي ڌيءَ سان گڏ پهرين تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سڄي دنيا مان پيغام  ملڻ شروع ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب حسن علي جي ڀارتي ڄائي گهر واري ساميعه حسن 6 اپريل تي ڌيءَ کي جنم ڏنو هو. جڏهن ته حسن علي ٽيم سان گڏ ڏکڻ آفريقا جي دوري تي هو. ساميعه حسن چيو ته ٻارڙي جي ولادت وقت زال مڙس جو گڏ هجڻ اهم هوندو آهي. پر حسن علي ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏي رهيو هو ان جي  ڪمي تمام گهڻي محسوس ٿي.

ان حوالي سان حسن علي ٻڌايو ته ڌيءَ جي ولادت جي موقعي تي فيملي سان نه هجڻ تي ڏک آهي پر ملڪ جي لاءِ کيڏڻ به ضروري آهي. هن چيو ته ڌيءَ جو نالو مون حلينه  حسن رکيو آهي ۽ مان الله جي حضور شڪر گذار آهيان جنهن مون کي پنهنجي رحمت سان نوازيو آهي.

Read Previous

تعزيت

Read Next

ٽوئٽر اداڪاره وينا ملڪ جي اسرائيل مخالف ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي

Most Popular