ڀارت ۽ افغانستان جي لاڳاپن بابت پاڪستان جو بي خوف بيان

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت ۽ افغانستان جي سٺن لاڳاپن جي حوالي سان بي خوف بيان ڏنو آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت جي افغستان سان سٺن لاڳاپن تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، اسان جو افغانستان تي فوڪس ڪنهن به هڪ گروپ تي ناهي.

افغانستان جي هاڻوڪي صورتحال تي هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي ميڊيا منهنجي ڪابل وڃڻ تي دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ غير ذميواراڻي گفتگو ڪئي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺي ها، مان ڪابل ناهيان ويو، پر ڪابل ۾ ئي گڏجاڻيون ۾ شرڪت ڪئي آهي.

هن چيو ته يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سربراهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن دوران ان کي ڪابل ۾ پاڪستان جي مدد بابت آگاهه ڪيو، انکانسواءِ تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران ويندس، جڏهن ته چين سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته افغانستان گهڻ نسلي ملڪ آهي، اتي پشتون ۽ ٻيا ماڻهو به آهن، افغانستان ۾ جيڪا حڪومت سامهون اچي اها وسيع بنياد ۽ گڏيل هئڻ گهرجي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

شام ۽ فلسطين ۾ امن لاءِ ڪير به نٿو ڳالهائي: گوهر خان

Most Popular