مشهور برازيلي گلوڪارا جهاز حادثي ۾ فوت

برازيل جي مشهور گلوڪارا مريليا مينڊونسا پنهنجي دوست ۽ پروڊيوسر سان گڏ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب برازيل جي شهر گويانيا جمعي ڏينهن ننڍي جهاز ڪارٽنگا لاءِ اڏام ڀري، جهاز ٿوري بلندي تي پهچڻ کان پوءِ ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ مريليا مينڊونسا، سندس پروڊيوسر ۽ دوست سميت ٻه پائليٽ فوت ٿي ويا.

مريليا مينڊونسا جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گلوڪارا ڪارٽنگا ۾ رٿيل ڪانسرٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي جتي مداح سندس انتظار ڪري رهيا هئا.

Read Previous

ڀارت: اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ باهه، 10 مريض سڙي فوت

Read Next

هاڻ ٽوئيٽر تان به پيسا ڪمائي سگھجن ٿا

Most Popular