ڀارت: اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ باهه، 10 مريض سڙي فوت

View of a hospital’s COVID-19 ward that caught fire in Ahmednagar, in the western state of Maharashtra, India, November 6, 2021. REUTERS/Stringer

ڀارت ۾ هڪ اسپتال جي ڪوروا وارڊ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 مريض سڙي فوت ٿي ويا.

اهو واقعو ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ اڄ صبح جو پيش آيو، جنهن کانپوءِ انتظاميا جي ڪوششن سان باهه تي ضابطو آندو ويو.

اختيارين موجب باهه لڳڻ وقت 17 مريض ان ڪورونا وارڊ ۾ موجود هئا، واقعو ڪيئن پيش آيو؟ ان سلسلي ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ به اولهه ڀارت ۾ هڪ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ باهه لڳي وئي ۽ ان واقعي ۾ 18 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.

Read Previous

آخري گروپ ميچ: پاڪستان جي اسڪاٽ لينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ

Read Next

مشهور برازيلي گلوڪارا جهاز حادثي ۾ فوت

Most Popular