ثاقب نثار تي الزام، اڳوڻو جج راڻا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي حوالي سان شايع خبر کي عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جهڙو قرار ڏيندي گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم، اخبار جي ايڊيٽر عامر غوري، مير شڪيل الرحمان ۽ انصار عباسي سميت ڌرين کي طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار آفيس انگريزي اخبار ۾ ڇپيل خبر ڏانهن ڌيان ڏياريو، جنهن ۾ اهو چيو ويو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2018 جي چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

ان حوالي سان چيو ويو ته انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيندڙ خبر ٻڌڻي هيٺ ڪيس بابت آهي، جنهن جي ڊويزن بئنچ کي 17 نومبر 2021 تي ٻڌڻي ڪرڻي آهي.

عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت کان ٻاهر ڪنهن به قسم جو ٽرائل عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ برابر ۽ هڪ ڏوهه آهي.

ان حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيندڙ خبر ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي ۽ سنگين نوعيت جي توهين عدالت آهي، جڏهن ته اهو عدالت کي تڪراري بڻائي انصاف جي فراهمي تي عوام جي اعتماد تي مجروح ڪرڻ جي به برابر آهي.

عدالت پنهنجي تحريري حڪم نامي ۾ چيو ته انصاف جي فراهمي ۾ شفافيت برقرار رکڻ عوام جي مفاد ۾ آهي ۽ ڄاڻايل رپورٽ آزاد عدليا ۽ ان جي ججن تي عوام جي اعتماد تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي.

حڪم نامي موجب عدالت مير شڪيل الرحمان، عامر غوري، انصار عباسي ۽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا محمد شميم کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي.

ان سلسلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون پيش ٿي ٻڌائين ته انهن خلاف توهين عدالت آرڊيننس 2003 تحت ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي، جڏهن ته اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل به سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين.

ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته چيف جسٽس اطهر من الله سڀاڻي ساڍي 10 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

Read Previous

گرمي ۾ بجلي ناهي، سياري ۾ گيس ناهي: اشنا شاهه

Read Next

”صبر ڪندڙ ۽ پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيندڙ کان ڊڄڻ گهرجي“

Most Popular