پيغمبر اسلام جي توهين اظهار جي آزادي ناهي: روسي صدر

روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته پيغمبر اسلام حضرت محمد صه جي شان ۾ گستاخي اظهار جي آزادي ناهي.

روسي ميڊيا موجب ولاديمير پيوٽن خميس ڏينهن سالياني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شان رسالت صه ۾ گستاخي ماڻهن کي ناراض ڪرڻ ۽ چڙ ڏيارڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ پيغمبر اسلام جي شان ۾ گستاخي اظهار جي آزادي ناهي.

هن چيو ته شان رسالت صه ۾ گستاخي مذهبي آزادي جي خلاف آهي ۽ مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ آهي.

روسي صدر تڪراري فرانسيسي ميگزين چارلي هيبڊو تي حملي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهڙيون حرڪتون انتهاپسندي ڏانهن وٺي وينديون آهن، آزادي توهان جي ڀرپاسي موجود ماڻهن کي عزت ڏيڻ جو نالو آهي.

Read Previous

ڀاءُ ڪارنهن الزام هيٺ ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

شاداب خان به بگ بيش ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو

Most Popular