يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل تي سينيٽ ۾ حڪومت کي فائدو پهچائڻ جي الزام تي يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ايتري اهم ايجنڊا لاءِ موقعو ملڻ گهربو هو، ملڪي سطح تي اهم معاملي ۾ اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي پر نه ورتو ويو، بل ڪميٽي کي به نه موڪليو ويو، ڪميٽيون ان ڪري ٺاهيون ويون آهن ته اتي بحث ٿئي، رات جي وقت بل کي ايجنڊا تي آڻڻ مناسب نه هو.

هن چيو ته چيئرمين ۽ اسپيڪر ايوان جا ڪسٽوڊين هوندا آهن، اهي هائوس جي نمائندگي ڪندا آهن حڪومت جي نه، تنهن ڪري کين اڻ ڌريو هجڻ گهرجي.

سندس موجب 27 جنوري تي ايجنڊا منهنجي اسٽاف کي رات 11.50 ۽ منهنجي گهر تي هڪ وڳي پهتي، بل تي ووٽنگ تي 30 منٽن لاءِ چيئرمين اجلاس ملتوي ڪيو، توهان حڪومت کي سهولت ڏني اپوزيشن کي نه، مان اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان پنهنجي استعيفيٰ پارٽي کي ڏئي ڇڏي آهي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نٿو رهڻ چاهيان.

يوسف رضا گيلاني چيو ته هتي ويٺل وزير ڪجهه چوندا ته منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي، اهي وزير جيڪي هڪ پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ هليا ويندا آهن، اهي چون ٿا ته مان حڪومت جي مدد ڪئي پر ڪريڊٽ ته سينيٽ چيئرمين کي ملڻ گهرجي مون کي نه، ڌانڌلي ٿي رهي آهي ۽ نه ٿيڻ گهرجي.

Read Previous

بيجنگ ۾ جون 2020ع کان پوءِ ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، حڪومت کي راوي اربن منصوبي تي ڪم جاري رکڻ جي اجازت

Most Popular