آمريڪا کي علائقائي ڊرون حب جي اجازت وارين ڳالهين ۾ صداقت ناهي: پاڪستان

ممتاز زهره بلوچ

اسلام آباد: پاڪستان انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هن آمريڪا سان دهشتگردي خلاف جاري ڳالهين دوران ان کي پنهنجي ڌرتيءَ تي (علائقائي ڊرون حب) ڊرون جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ان معاملي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، اهو ايجنڊا تي نه هو ۽ نه ئي ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي، تنهن ڪري ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي قياس آرائي جي ضرورت ناهي.

هن وضاحت ڪئي ته انهيءَ جي بدران، دهشتگردي خلاف آمريڪا سان تازي ڳالهين دوران پاڪستان جي تمام گهڻي حوصلا افزائي ٿي آهي.

هن چيو ته ٻنهي طرفن لاءِ اهو سٺو موقعو آهي ته هو دهشتگردي جي خاتمي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪن، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جو چئلينج پوري دنيا لاءِ آهي.

ترجمان ممتاز بلوچ چيو ته اسان جن موضوعن تي بحث ڪيو، انهن ۾ گهڻ طرفي فورمز ۾ تعاون، سائبر سيڪيورٽي، پرتشدد انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ شامل آهن.

هن چيو ته يقيناً ان موقعي تي صلاحيت وڌائڻ، خاص طور تي اينٽي مني لانڊرنگ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جيئن ته توهان کي خبر آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي عمل کان پوءِ اڳ ۾ ئي هڪ مضبوط ميڪنزم تيار ڪري چڪو آهي ته جيئن دهشتگرد تنظيمن جي مني لانڊرنگ ۽ مالياتي وهڪري کي روڪي سگهجي.

ترجمان چيو ته اسلام آباد ۽ واشنگٽن پراڻا دوست آهن ۽ سمورن معاملن تي هڪ ٻئي سان لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي مفاد تي ٻڌل آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان کان چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي نئين دهلي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت ڀارتي رپورٽن بابت به پڇيو ويو.

هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان 10 کان 12 مارچ 2022 تائين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽسن جي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

هن مطابق هن پنهنجي بهارتي هم منصب کي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو موجوده چيئرمين/ميٽنگ جو ميزبان آهي.

Read Previous

شي جن پنگ تاريخي ٽئين مدي لاءِ چين جو صدر ٿي ويو

Read Next

ثانيه مرزا جي ويجهن دوستن لاءِ ڊنر پارٽي مان شعيب ملڪ غائب

Most Popular