آمريڪا جرسي کي شڪست ڏئي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

دبئي: آمريڪا جرسي کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏئي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي ڪواليفائرز ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات به ٻين ٽيمن کان وڌيڪ پوائنٽس کڻي جاءِ محفوظ ڪري ورتي آهي.

آءِ سي سي پنهنجي بلاگ ۾ چيو آهي ته نمبيا ڪينيڊا خلاف ستين ڏينهن ڪاميابي حاصل ڪئي پر ان فتح باوجود ٽورنامينٽ جا ٽائي بريڪر آفريڪي ٽيم جي حق ۾ ڪم نه ڪري رهيا آهن، جنهن ايونٽ ۾ گڏيل عرب امارتن کان به هارايو.

جيڪڏهن يو اي اِي جرسي کان هارائي به وڃي ٿي ته ان باوجود ڪئناڊا ۽ نميبيا خلاف ڪاميابي پوائنٽس ٽيبل تي مٿي کڻي اچي ٿي.

آمريڪي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ رڳو 231 رنسون ٺاهيون، پر جرسي جي ٽيم ڪوششن باوجود 232 رنز جو ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگهي.

جرسي کان ڪاميابي سان گڏوگڏ نميبيا ۽ ڪئناڊا کان فتح کانپوءِ آمريڪا 2023 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائرز ۾ جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي.

Read Previous

مسلمان عورتن جي پاڪيزگيءَ تي سوال نه ڪيو وڃي: شرعي عدالت جو حڪم

Read Next

ڪيارا آڏواني پاران فلم "ستيا پريم ڪي ڪٿا” جو خوبصورت نظارو پيش

Most Popular