قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪميٽين اتفاق راءِ سان اليڪشن فنڊ بل رد ڪري ڇڏيو

گڏيل اجلاس

قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ روينيو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاران عام چونڊن لاءِ پيش ڪيل چارجڊ سمز بل 2023ع اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو.

بل ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ تي قانون ساز بحث ڪري فيصلو ڪن.

قومي اسيمبلي جي پينل طرفان بل رد ٿيڻ کانپوءِ سينيٽر دلاور عباس جي صدارت هيٺ سينيٽ ڪميٽي به بل جو جائزو ورتو.

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ڪميٽي کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف معاهدي سبب وٽن فنڊ محدود آهن, جڏهن ته ملڪ مالي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن واضح طور تي چيو ته ناڻي واري وزارت وٽ چونڊن لاءِ فنڊنگ جا وسيلا ناهن، جڏهن ته حڪومت مالياتي خساري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

سينيٽر محسن عزيز احتجاج ڪندي چيو ته مون اهڙو بل ڪڏهن به سينيٽ ۾ ناهي ڏٺو، اهو معاملو ايوان جي دائري کان ٻاهر آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ 21 ارب رپيا ناهن ته پوءِ ان کي ڊفالٽ سمجهيو وڃي.

Read Previous

پ پ پاران اتحادي پارٽين کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

Read Next

اي سي پي جو اليڪشن ڪميشن آف انڊيا جي طرز تي آزاد اختيار ڏيڻ جو مطالبو

Most Popular