نواز شريف ۽ جهانگير ترين اپيل ڪري سگهندا: سپريم ڪورٽ ريويو ائنڊ ججمنٽس آرڊر قانون بڻجي ويو

اسلام آباد: ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ ريويو اينڊ ججمينٽس آرڊر ايڪٽ 2023 تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اهو قانون (ايڪٽ) بڻجي ويو.

سپريم ڪورٽ جي اٽارني جنرل آف پاڪستان ريويو آف ججمينٽ ايڪٽ 2023 جي ڪاپي ۽ نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، اهو قانون جمعي کان لاڳو ٿيندو.

سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 184 تحت ڪيسن جي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي.

نئين قانون تحت نواز شريف ۽ جهانگير ترين پنهنجي سزا خلاف 60 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهندا، ايڪٽ جي 184(3) تحت فيصلي خلاف 60 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهجي ٿي.

ايڪٽ جو دائرو هن ايڪٽ جي ٺهڻ کان اڳ ڏنل فيصلن تي به لاڳو ٿيندو، ايڪٽ جو دائرو سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي فيصلن ۽ ضابطن تي به لاڳو ٿيندو، ايڪٽ لاڳو ٿيڻ بعد نواز شريف ۽ جهانگير ترين به ايڪٽ مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

ايڪٽ تحت نظرثاني واري درخواست جي ٻڌڻي لارجر بينچ ڪندي، جنهن ۾ ججن جو انگ فيصلو ڏيندڙ بئنچ کان وڌيڪ هوندو.

Read Previous

ٽوئٽر جو غلط معلومات کي روڪڻ لاءِ يورپي يونين جي ضابطن مان ٻاهر نڪرڻ جو اعلان

Read Next

عدالت عمران خان جي گهر جا سرچ وارنٽ غير موثر قرار ڏئي ڇڏيا

Most Popular