ايم ڪيو ايم ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي ويا، اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت اختلاف پيدا ٿي ويا آهن

ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ سخت اختلافن کانپوءِ ڪجهه اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڇنڇر تي ٿيندڙ پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جو هڪ اهم اڳواڻ ڪراچي ۾ اهم عهدن تي رهي چڪو آهي

کيس ڪجهه اهم معاملن تي سخت اختلاف آهن، پيپلز پارٽي جي هڪ اهم عورت اڳواڻ سان سندس ملاقات جون خبرون به گرم آهن

اهو به چيو پيو وڃي ته هن پنهنجي ڪجهه ساٿين سميت پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي

ڇنڇر تي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ پارٽي اختلافن تي به گرما گرم بحث جا اشارا ملي رهيا آهن

Read Previous

پاڪستان کي سستي گئس، بجلي ۽ تيل ڏئي سگهون ٿا: ايراني سفير

Read Next

شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافين جو احتجاج، حڪومت مطالبا مڃي ورتا

Most Popular