شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافين جو احتجاج، حڪومت مطالبا مڃي ورتا

سنڌ جي نگران سرڪار شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي ۾ سراپا احتجاج صحافين جا مطالبا مڃي ورتا

صوبائي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز احتجاج ڪندڙ صحافين جي نمائندن کي گهرائي ڳالهيون ڪيون

صوبائي وزير شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪيس سي ٽي ڊي سکر منتقل ڪرڻ وارو مطالبو به منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ملاقات ۾ شهيد جان محمد مهر جو ڀاءُ ڪرم الله مهر به موجود هو

شهيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافين جو ڌرڻو جاري آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل صحافي ڌرڻي ۾ شريڪ آهن

ٻئي پاسي سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن وارو نگران وزير عمر سومرو ۽ صحت وارو نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز شهيد جان محمد مهر جي گهر پهچي ويا

Read Previous

ايم ڪيو ايم ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي ويا، اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانتون رد ڪرڻ جا فيصلا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا

Most Popular