حليم عادل شيخ جي گرفتاريءَ لاءِ پهتل پوليس کي عدالت ٻاهران هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاريءَ لاءِ پهتل پوليس کي عدالت ٻاهران هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

حليم عادل شيخ وڏي عرصي تائين غائب رهڻ بعد ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو ته پوليس سندس گرفتاريءَ لاءِ پهچي وئي

اڳوڻي اپوزيشن ليڊر 9 مئي جي واقعن ۾ جاري ٿيل گرفتاري وارنٽ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم ڏئي چڪي آهي، حيدرآباد جي عدالت پاران جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن

حليم عادل شيخ پاران پوليس کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

حليم عادل شيخ جي درخواست تي وڪيلن چيف جسٽس سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي

حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته سمورن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي آهي، چيف جسٽس پوليس کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ڪنداسين

Read Previous

زالن کي مڙسن جو فون چيڪ ڪرڻ گھرجي: اُشنا شاهه

Read Next

بجلي جي بلن ۾ ريليف لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو: پاڪستان کان لکت ۾ پلان طلب

Most Popular