مولانا فضل الرحمان جو گورنر مقرر ٿيڻ کان پوءِ هو مهانگائي کي وساري ويٺو آهي: سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته جڏهن مولانا فضل الرحمان جي مرضي جو گورنر مقرر ٿيو ته هو مهانگائي کي وساري ويٺو آهي.

مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جيڪڏهن قوم جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته شٽرڊائون هڙتال يا اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. عوام مايوس نه ٿئي جماعت اسلامي عوام جي اميد آهي.

سراج الحق چيو ته منهنجو جهيڙو ملڪ ۾ ڪرپشن، جهالت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف آهي. ڏکڻ پنجاب جڏهن جاڳندو آهي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان جي مخالفت نٿي ڪري سگهي. هن وقت مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي سبب ماڻهن جي چهرن تان مسڪراهٽ ختم ٿي وئي آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته اڄ گهر هلائڻ، ٻارن کي پڙهائڻ ۽ بيمار والدين جو علاج ڪرائڻ مشڪل ٿي ويو آهي. وزيراعظم چوي ٿو ته آءِ ايم ايف کان بجلي جا بل قسطن ۾ وٺڻ جي اجازت وٺنداسين هي ڪنهن ايم اين اي ۽ ايم پي اي جو ميٽر به نٿا لاهي سگهن.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان مهانگائي خلاف ڌرڻو هنيو هو، جڏهن جي يو آءِ جو گورنر بڻجو ته مولانا فضل الرحمان مهانگائي کي وساري ويٺو. شهباز شريف، نوازشريف، آصف زرداري به پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪن.

Read Previous

چوھڙجمالي: سجاول روڊ تي ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

Read Next

ڊکڻ ويجهو فوت ڄاڻايل عورت کي پٽ طرفان شادي نه ڪرائڻ تي قتل جو انڪشاف

Most Popular