مناسب وقت اچڻ تي ملڪ ۾ چونڊون ٿي وينديون: نگران وزير اعظم

نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته کيس خبر ناهي ته نواز شريف ڪنهن ڊيل تحت وطن واپس اچي رهيو آهي.

نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته صدر پنهنجي خط ۾ چونڊن جي تاريخ بابت تجويز ڏني آهي فيصلو ناهي ڪيو، ان خط جي ضرورت بابت صدر بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو، صدر جي چونڊن بابت راءِ ۽ پوزيشن آهي، صدر جي هڪ راءِ آهي ۽ سندس هڪ سياسي پارٽي سان واسطو به آهي.
انوار الحق چيوته نيب ترميمن بابت منهنجو موقف آهي ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان جا سٺا لاڳاپا آهن، بلاول ڀٽو جيڪي خدشا عوامي سطح تي اُٿاريا آهن سندس حق آهي.
انوار الحق چيو ته اسان جو جيترو وقت هوندو قانون مطابق هوندو، اسان هڪ ڏينهن رهون يا هڪ مهينو، قانون مطابق رهنداسين.

سندس چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ مناسب وقت ۾ عام چونڊون ٿي وينديون، اسان کان اهي سوال نه ڪريو جنهن جو قانوني جواب اسان وٽ ناهي، ڇا اليڪشن ڪميشن کي اسان جي درخواست تي چونڊ شيڊيول ڏيڻو آهي؟.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم طور جيڪي سهولتون حق آهن يقيني بڻائينداسين ته اهي جيل ۾ ڏنيون وڃي جڏهن ته تحريڪ انصاف بابت سمري آئي ته ميرٽ تي ڏسنداسين.

نواز شريف جي وطن واپسي تي نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته کيس خبر ناهي ته نواز شريف ڪنهن ڊيل تحت اچي رهيو آهي يا نه.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي واڌ بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته ان معاملي جو تعلق نيشنل سيڪيورٽي سان آهي، حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي عوام جي مفاد ۾ هوندو، اهو منهنجو اختيار آهي ۽ پنهنجي اختيار مطابق مفيصلو ڪندس.
ڊالر جي قيمت بابت سوال تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته غيرقانوني سرگرمين کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي، ڊالر جو ريٽ ڪٿان اچي ٿو ته ان سان لهڻو ليکو ناهي.

Read Previous

نيب ترميمون ڪالعدم قرار، اڳوڻي صدر ۽ 6 اڳوڻن وزيراعظمن خلاف به ڪيس بحال

Read Next

ڏوهارين خلاف آپريشن جون تياريون شروع، رينجرس ۽ پوليس جا جوان ڪچي ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا

Most Popular