جماعت اسلامي پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ خلاف گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

جماعت اسلامي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ خاموش رهڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي، عوام رڪارڊ مهانگائي خلاف گهرن کان ٻاهر نڪري.

هن چيو ته جماعت اسلامي عوامي حمايت جي ذريعي حڪومت کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ وٺڻ تي مجبور ڪندي. بجلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي پئي وڃي.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته چئني صوبن ۾ گورنر هائوس جي ٻاهران عوامي ڌرڻا هنيا ويندا. عوام هاڻ موت جو انتظار ڪرڻ جي بجاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري ۽ جماعت اسلامي جي تحريڪ جو حصو بڻجي. ٻئي طرف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ سردار عبدالرحيم چيو آهي ته قيمتن ۾ ڪيل واڌ کي رد ڪريون ٿا. سردار عبدالرحيم چيو ته روزاني آءِ ايم ايف جي خنجر سان عوام کي ماريو پيو وڃي پي ڊي ايم جو آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو پاڪستان دشمن ثابت ٿيو آهي.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز طرفان آپريشن جو سلسلو شروع، وڌيڪ جوان مقرر

Read Next

گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪم جاري آهي، پهرين جولاءِ کان نيون قيمتون لاڳو ٿينديون: محمد علي

Most Popular