مهانگي پيٽرول کان بچڻ لاءِ موٽر سائيڪلن ۾ ايل پي جي ڪٽ لڳائڻ شروع

مهانگي پيٽرول کان پريشان شهرين بچت جي لاءِ موٽر سائيڪلن ۾ خطرناڪ ايل پي جي ڪٽ لڳرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته ايل پي جي مان بهترين ايوريج ملي رهيو آهي. هڪ ليٽر پيٽرول مان 45/40 ڪلو ميٽر جو سفر ڪندڙ موٽر سائيڪل هڪ ڪلو ايل پي جي مان 100 ڪلو ميٽر تائين هلي ويندي آهي.

خيرپور ۾ ايل پي جي ڪٽ جي مانگ وڌندي ئي ڪٽ جون قيمتون به وڌي ويون آهن. ايل پي جي ڪٽ جي قيمت 4500 مان وڌي 6 هزار ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ايل پي جي تي موٽر سائيڪل هلائڻ خطرناڪ آهي. ان کان اڳ نگران وفاقي حڪومت عوام کي پهرين آڪٽوبر کان پيٽرول سستو ٿيڻ جي اميد ڏياري هئي.

Read Previous

ذهن مان اها سوچ ڪڍي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ مان هاڻ تاريخ وٺڻ جو رجحان نه هلندو: چيف جسٽس

Read Next

سعودي عرب پاران هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت

Most Popular