سعودي عرب پاران هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت هالينڊ جي شهر دي هيگ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ڪئي آهي.

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران مذمتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب نفرت آميز قدمن کي رد ڪري ٿو.

سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙا عمل واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي جنم ڏين ٿا ۽ اهڙا عمل انتهاپسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن جي ابتڙ آهن.

واضح رهي ته هالينڊ جي شهر دي هيگ ۾ مسلمان مخالف گروپ پيگيڊا جي ميمبر ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي سفارتخانن جي سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي.

مسلمان مخالف گروپ جي ميمبر ايڊون واگنس ويلڊ دي هيگ ۾ ترڪي، پاڪستاني ۽ انڊونيشيا جي سفارتخانن جي سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به يورپي ملڪن سويڊن، ڊنمارڪ ۽ هالينڊ ۾ مسلمان مخالف گروهه اهڙا شرمناڪ ۽ اشتعال انگيز ڪارروايون ڪري چڪا آهن.

Read Previous

مهانگي پيٽرول کان بچڻ لاءِ موٽر سائيڪلن ۾ ايل پي جي ڪٽ لڳائڻ شروع

Read Next

عرب ملڪن سان اسرائيل جو معاهدو ناڪام ٿيندو: ايراني صدر

Most Popular