پرينيتي چوپڙا جي شادي جي رئي تي ”هندي زبان“ ۾ ڇا لکيل هو؟

تازو ئي ڀارتي سياستدان راگھو چڍا سان شادي ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا جي شادي جون تصويرون سامهون آيون آهن.

پرينيتي چوپڙا پنهنجي شادي جي تقريب جا ڪجهه يادگار لمحا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪيا آهن.

اداڪارا جي شادي جي تصويرن کي سوشل ميڊيا صارفين طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ شادي جي جوڙي کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.

پرينيتي چوپڙا جي شاديءَ ۾ جيڪا شيءِ مداحن کي تمام گهڻي پسند آئي، اها هئي سندس رئو، جنهن تي سندس مڙس جو نالو ’راگھو چڍا ‘ ’هندي ٻوليءَ‘ ۾ لکيو هو.

Read Previous

ورلڊ ڪپ: قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ کي اڄ ڀارتي ويزائون جاري ٿيڻ جا چٽا امڪان

Read Next

پرينيتي ۽ راگھو جي شادي، ثانيه مرزا ۽ منيش ملهوترا جا جلوا

Most Popular