ايشين گيمز، مردن جي اسڪواش ٽيم ۾ پاڪستان جي مسلسل ٽئين فتح

پاڪستان مردن ٽيم ايشين گيمز جي اسڪواش ايونٽ ۾ مسلسل ٽئين فتح حاصل ڪري ورتي.

پاڪستان ٽين ميچ ۾ سنگاپور کي 0-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي، ناصر اقبال، نور زمان ۽ عاصم خان اسڪور ڪيا.

ان کان اڳ ايشين گيمز جي اسڪواش ايونٽ ۾ پاڪستان جي مردن ٽيم فاتحانه شروعات ڪئي هئي پر وومين ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي.

چين جي شهر هانگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز ۾ مردن جي ٽيم ٻنهي گروپ ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته عورتن جي ٽيم کي ٻنهي ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

Read Previous

پاڪستاني ٽيم جي آمد کان اڳ ئي پاڪستاني مداح ڀارت پهچڻ شروع

Read Next

مايا علي جو عمري جي ادائيگي تي پيغام جاري

Most Popular