پاڪستاني ٽيم جي آمد کان اڳ ئي پاڪستاني مداح ڀارت پهچڻ شروع

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا مداح دنيا جي هر ڪنڊ ۾ موجود آهن جيڪي قومي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر ڪنڊ تائين پهچي وڃن ٿا.

هاڻ هن ڀيري پاڪستاني مداح چاچا بشير ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان ڀارت پهچي ويو آهي.

چاچا بشير پاڪستاني رنگ ۾ رنگجي قومي جهنڊو بلند ڪيو ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا.

چاچا بشير آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ رهي ٿو ۽ هو ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ انڊيا جي شهر حيدرآباد آيو آهي.

Read Previous

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ دبئي کان ڀارت پهچندي

Read Next

ايشين گيمز، مردن جي اسڪواش ٽيم ۾ پاڪستان جي مسلسل ٽئين فتح

Most Popular