نگران حڪومت ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائيندي، پاڪستان آءِ ايم ايف کي واضح ڪري ڇڏيو

پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته نگران حڪومت ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائيندي.

آءِ ايم ايف جي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي آفيسرن جو آن لائن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 مهينن ۾ هدف کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪري ٽيڪس هدف حاصل ڪري وٺندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر آءِ ايم ايف کي ٽيڪس چورن خلاف ايڪشن پلان بابت به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ايف بي آر جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ معاشي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو ويندو. جولاءِ کان سيپٽمبر جي آمدني جي ڊيٽا ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف کي پيش ڪئي ويندي.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين جو مقابلو فوج سان نه رياست سان آهي: وزيراعظم

Read Next

پوپ فرانسس پاران پنهنجي ماضي جي غلطين جو اعتراف

Most Popular