پاڪستان ايشين گيمز ٽي 20 جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان هانگ ڪانگ کي 68 رنسن تان شڪست ڏئي ايشين گيمز جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.

هن ميچ جي خاص ڳالهه عامر جمال جي جارحاڻي بيٽنگ ۽ اسپنرن جي شاندار ڪارڪردگي هئي.

سيمي فائنل ۾ پاڪستان شاهينز جو مقابلو 6 آڪٽوبر تي سريلنڪا ۽ افغانستان وچ ۾ ميچ جي فاتح ٽيم سان ٿيندو.

چين جي شهر هانگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز ڪرڪيٽ ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ هانگ ڪانگ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 160 رنسون ٺاهيون.

Read Previous

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ افتتاحي تقريب کان سواءِ شروع ٿيندو: ڀارتي ميڊيا

Read Next

ايشوريا راءِ بچن جي ريمپ تي واپسي، سڀني کي پوئتي ڇڏي وئي

Most Popular