سيٺارجا ويجهو 2 مسافر وينون آمهون سامهون ٽڪرائجي ويون، هڪ ڄڻو فوت، ڪيترائي زخمي

سيٺارجا (رپورٽر) سيٺارجا ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي 2 مسافر وينون آمهون سامهون ٽڪرائجي ويون،  هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽  30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ٻڌايو پيو وڃي ته زخمين ۾ عورتون به شامل آهن، شهدادپور کان شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ هڪ وين سامهون ايندڙ ٻي وين سان ٽڪرائجي وئي

 وين ڊرائيور شهدادپور واسي فوت ٿي ويو، ٻي وين چونڊڪو کان ڪراچي وڃي رهي هئي، ڪراچي ويندڙ وين ۾ سوار عورتون به زخمي ٿي پيون

 زخمين کي گمبٽ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ ڪوٽڏيجي واسڻ عقيلا، قرت العين، برڪت، مونا ميرجت، راڻيپور واسڻ زاهده ڀٽي ۽ ٻيا شامل آهن

Read Previous

شاهه محمود قريشي سائيفر ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار

Read Next

شڪارپور ۾ صوبائي تڪ تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار پوليس هٿان مبينا کنڀي گم، احتجاج

Most Popular