ڏهرڪي ۾ هزاره ايڪسپريس جو مسافر ٽرين مان ڪري فوت

ڏهرڪي: (رپورٽر) ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن ڀرسان هزاره ايڪسپريس مان ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. پوليس موجب هزاره ايڪسپريس ٽرين پنجاب کان سنڌ وڃي رهي هئي ته ان جي هڪ مسافر ٽرين مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو. مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي پر پوليس موجب سندس واسطو پنجاب سان آهي. ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش سول اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

Read Previous

ٽنڊوالهيار: عورت مارچ موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، امر سنڌو ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي شرڪت

Read Next

لياقت چٺه منهنجو ويجهو دوست آهي، ڪافي وقت کان ذهني مسئلن جو شڪار آهي: راڻا ثناءُالله

Most Popular