اهم عهدن تي غير آئيني طريقي سان ويهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: (ڇنڇر: 09 مارچ 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته آئيني عهدن تي غير آئيني طريقي سان ويهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته پهريان 2 خاندان ملڪي وسيلن تي قابض هئا هاڻ اهي جمهوري ادارن تي قابض ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته آصف علي زرداري جي سوڀ جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندي. اسان وٽ الڪٽرول ڪالج ۾ گهربل اڪثريت هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هنن اهم عهدن کي اهليت ڏسڻ کان سواءِ جمهوري قدم کڻڻ کان سواءِ ورهايا.

ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسيمبلي اڻ مڪمل هجڻ تي صدارتي چونڊون غيرقانوني آهن. قانوني جنگ وڙهي رهيا آهيون، عوام وٽ به وينداسين، پروڊڪشن آرڊر جي باوجود اعجاز چوڌري کي ايوان ۾ نه آڻڻ ڀڃڪڙي آهي.

Read Previous

رمضان المبارڪ کان اڳ ايل پي جي قيمت ۾ 30 روپيه في ڪلو اضافو

Read Next

موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

Most Popular