صدارتي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو نه ووٽ وڪرو ٿيو، نه خريد ڪيو ويو: محمود اچڪزئي

اسلام آباد: (ڇنڇر: 09 مارچ 2024ع) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ صدارتي چونڊن ۾ اپوزيشن جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته صدارتي چونڊون سٺي ماحول ۾ ٿيون، پهريون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ نه ڪو ووٽ وڪرو ٿيو نه ئي وري خريد ڪيو ويو.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته صدارتي اميدوار نامزد ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جو ٿورائتو آهيان.

محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته هتي سڀ ڪجهه خريد ڪري سگهجي ٿو پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي انهي جي مخالفت ڪندا آهن. مان رب پاڪ جو ٿورائتو آهيان جو هن سائيڊ تي آهيان. ملڪ ۾ نئين دور جي شروعات ٿي آهي خريد ۽ وڪرو ڪجهه نه ٿيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي سمورن اميدوارن پنهنجي پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏنو، پنجاب ۾ به ائين ئي ٿيو.

هن چيو ته مون کي ڪيترن ئي دوستن چيو ته  دل ته چوي ٿو ته اوهان کي ووٽ ڏيون، سٺي روايت پئجي چڪي آهي. باقي رهيل ڳالهيون پارليامينٽ ۾ ڪنداسين. هن چيو ته آصف زرداري کي مبارڪباد ڏيڻ ويو هئس پر اهو موجود نه هو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي آصف زرداري جي ڪاميابي جي مبارڪباد ڏئي ڇڏي آهي.

محمود خان اچڪزئي چيو ته مون کي پنهنجي صوبي جي اسيمبلي مان هڪ به ووٽ نه مليو، ڊاڪٽر عبدالمالڪ رات تائين ته اسان کي ووٽ ڏيڻ تي راضي هو پر ان کان پوءِ ڦري ويو، گهٽ ۾ گهٽ مون کي هڪ ووٽ عبدالمالڪ ڏئي ڇڏي ها. هن مون سان واعدو ڪيو هو. اسان جي اتحادين اسان کي ووٽ ڏنو. اختر مينگل ووٽ ڏنو. مولانا فضل الرحمان شايد سمهي رهيو هو انهي جو به ووٽ اسان کي ملڻ گهرجي ها.

عوامي ملي پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نوازشريف پنهنجي پارٽي جي سمجهدار ماڻهن جي آواز ٻڌي، هڪ پارٽي کي  پاڪستان جي عوام ووٽ ڏنا آهن اهو  کيس مڃڻو پوندو. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه سميت ملڪ ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، انهي تي اسان کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. خبر نه آهي ته اسان ملڪ کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي.

Read Previous

ارڙهين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي هئي، اسان صرف تجويز ڏني هئي: آصف زرداري

Read Next

آصف زرداري 14هين صدر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

Most Popular