آصف زرداري 14هين صدر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: (آچر: 10 مارچ 2024ع)   پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ٻيون ڀيرو پاڪستان جي صدر واري عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.

حلف برداري جي تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ آصف زرداري کان عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ چئني صوبن جا گورنرز ۽ وڏا وزير موجود هئا. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو.

تقريب ۾ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو، آصفه ڀٽو زرداري شريڪ ٿيا. ان کان علاوه آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

گذريل ڏينهن ملڪ جي 14هين صدر جي چونڊ لاءِ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پولنگ ٿي، قومي اسيمبلي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق رهيو. صدارتي چونڊن ۾ سينيٽر شيري رحمان، آصف علي زرداري جي پولنگ ايجنٽ رهي. جڏهن ته سينيٽر شفيق ترين، محمود خان اچڪزئي جا پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيا ويا هئا.

اليڪشن ڪميشن موجب صدارتي چونڊن جي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن کي ملي ويا، نتيجن موجب حڪومتي اتحاد جي اميدوار آصف علي زرداري 411 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري چونڊ کٽي ورتي.  جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 اليڪٽرول ووٽ حاصل ڪيا.

    Read Previous

    صدارتي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو نه ووٽ وڪرو ٿيو، نه خريد ڪيو ويو: محمود اچڪزئي

    Read Next

    نئين چونڊيل 19 رڪني وفاقي ڪابينه حلف کڻي ورتو، اورنگزيب خان ۽ محسن نقوي به شامل

    Most Popular