نئين چونڊيل 19 رڪني وفاقي ڪابينه حلف کڻي ورتو، اورنگزيب خان ۽ محسن نقوي به شامل

اسلام آباد: (سومر: 11 مارچ 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف جي 19 رڪني وفاقي ڪابينه حلف کڻي ورتو آهي.

وفاقي ڪابينه جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جتي صدر آصف زرداري وفاقي ڪابينه کان حلف ورتو، جڏهن ته ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف به موجود هو.

https://googleads.g.doubleclick.net/pagead/ads?client=ca-pub-2533644372506762&output=html&h=280&adk=2534825199&adf=1711294020&pi=t.aa~a.2756448801~i.11~rp.4&w=730&fwrn=4&fwrnh=100&lmt=1710163340&num_ads=1&rafmt=1&armr=3&sem=mc&pwprc=5831415655&ad_type=text_image&format=730×280&url=https%3A%2F%2Fonlineindus.com%2Fsindhi%2F129949&fwr=0&pra=3&rh=183&rw=730&rpe=1&resp_fmts=3&wgl=1&fa=27&uach=WyJXaW5kb3dzIiwiMC4zLjAiLCJ4ODYiLCIiLCIxMDkuMC4xNTE4LjE0MCIsbnVsbCwwLG51bGwsIjY0IixbWyJOb3RfQSBCcmFuZCIsIjk5LjAuMC4wIl0sWyJNaWNyb3NvZnQgRWRnZSIsIjEwOS4wLjE1MTguMTQwIl0sWyJDaHJvbWl1bSIsIjEwOS4wLjU0MTQuMTY1Il1dLDBd&dt=1710163340315&bpp=2&bdt=2779&idt=2&shv=r20240306&mjsv=m202403040101&ptt=9&saldr=aa&abxe=1&cookie=ID%3Db1707ab5a384d42b%3AT%3D1701624695%3ART%3D1710163308%3AS%3DALNI_Mbw0iMY-BK_2P2YlvDCDlJAZ8cotg&gpic=UID%3D00000ce29af4e97b%3AT%3D1701624695%3ART%3D1710163308%3AS%3DALNI_MYJebTyLGdyG7otr7nJ-RfYQrLQ9Q&eo_id_str=ID%3Dfb6ff18a533fdf19%3AT%3D1706699991%3ART%3D1710163308%3AS%3DAA-AfjazTCzIleku23U46yY-mprf&prev_fmts=0x0%2C728x90%2C341x346&nras=2&correlator=5647019581148&frm=20&pv=1&ga_vid=618150095.1701624702&ga_sid=1710163340&ga_hid=1980700819&ga_fc=1&u_tz=300&u_his=1&u_h=768&u_w=1366&u_ah=728&u_aw=1366&u_cd=24&u_sd=1&dmc=8&adx=476&ady=1158&biw=1302&bih=625&scr_x=0&scr_y=0&eid=44759876%2C44759927%2C44759842%2C31081080%2C31081642%2C31081645%2C95322180%2C95324161%2C95325785%2C95326918&oid=2&pvsid=2366439070336503&tmod=784374953&uas=0&nvt=1&ref=https%3A%2F%2Fonlineindus.com%2FSindhi%2F&fc=1408&brdim=0%2C0%2C0%2C0%2C1366%2C0%2C1366%2C728%2C1319%2C625&vis=1&rsz=%7C%7Cs%7C&abl=NS&fu=128&bc=31&bz=1.04&psd=W251bGwsbnVsbCxudWxsLDNd&ifi=4&uci=a!4&btvi=1&fsb=1&dtd=35

حلف کڻندڙن ۾ خواجه آصف، احسن اقبال، خالد مقبول صديقي، شزا فاطمه، محسن نقوي، امير مقام، چوڌري سالڪ حسين، رياض پيرزاده، رانا تنوير ۽ ڄام ڪمال شامل آهن.

ان کان علاوه اويس لغاري، عطاءُالله تارڙ، قيصر شيخ، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، احمد چيمه، اعظم نذير تارڙ ۽ شزا فاطمه به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ڪوبه ميمبر ڪابينه ۾ شامل نه آهي.

حلف برداري کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ ناڻي واري وزارت، پرڏيهي وزارت، توانائي واري وزارت، منصوبه بندي واري وزارت ۽ گهرو وزارت جا قلمدان ڏنا ويندا. جڏهن ته اطلاعات واري وزارت، نجڪاري واري وزارت ۽ ٻين اهم وزارتن جا وزير به مقرر ڪيا ويندا. وفاقي وزيرن کي شروعاتي مرحلي ۾ اضافي وزارتون به ڏنيون وينديون. هوڏانهن وزيراعظم شهباز وفاقي ڪابينه جو پهريون اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي  جيڪو شام جو 5 وڳي ٿيندو.

Read Previous

آصف زرداري 14هين صدر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

Read Next

صدر آصف علي زداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

Most Popular