تربت ۾ پاڪ نيوي جي ايئر بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، 4 دهشتگرد مارجي ويا

تربت ۾ پاڪ نيوي جي ايئر بيس پي اين ايس صديق تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ايف سي بلوچستان جو هڪ اهلڪار به شهيد

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 25 ۽ 26 مارچ جي وچ واري رات دهشتگردن پي اين ايس صديق تربت تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

نيوي جي جٿن جي مدد لاءِ ڀرپاسي موجود سيڪيورٽي فورسز کي فوري طور حرڪت ۾ آندو ويو، هٿياربند فوجن جي مربوط ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي دوران گڏيل ڪليئرنس آپريشن ۾ چئني دهشتگردن کي ماريو ويو، ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ايف سي بلوچستان جي سپاهي نعمان فريد دليراڻي ويڙهه ڪندي شهادت ماڻي، 24 سالن جي شهيد نعمان فريد جو تعلق مظفر ڳڙهه سان آهي

Read Previous

موهن جو دڙو رات جو به سياحن لاءِ کولڻ ۽ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

Read Next

وزيراعظم پاران ٽئڪس چورن خلاف هنگامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو

Most Popular