وزيراعظم پاران ٽئڪس چورن خلاف هنگامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف ٽئڪس چورن خلاف هنگامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪندي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڏو رنڊڪن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آهي

وزير اعظم شهباز شريف ڪميٽي کان هڪ هفتي ۾ رپورٽ ۽ تجويزون طلب ڪيون ويون آهن

وزيراعظم چيو آهي ته تمباڪو، کنڊ، سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي صنعتن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽريڪ اينڊ سسٽم مڪمل بحال ٿيڻ گهرجي ها، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ کان انڪاري ڪارخانا ترت سيل ڪيا وڃن

اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ريٽيلرز ۽ هول سيلرز جي رجسٽريشن ڪري ايڊوانس ٽئڪس اوڳاڙيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ڪوئيٽا پشاور جا دڪاندار شامل هوندا

Read Previous

تربت ۾ پاڪ نيوي جي ايئر بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، 4 دهشتگرد مارجي ويا

Read Next

پيپلزپارٽي خيبر پختونخواهه مان جي يو آءِ ف جي وڏي وڪيٽ ڪيرائي وڌي

Most Popular