شانگلا ۾ گاڏي تي آپگهاتي حملو، 5 چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

خيبرپختونخواهه جي ضلعي شانگلا جي علائقي بشام ۾ آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل گاڏي چيني انجنيئرن جي گاڏي سان اڏائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 چينين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

ڊي آءِ جي مالاڪنڊ موجب گاڏي ڪوهستان کان اسلام آباد وڃي رهي هئي. چائنيز انجنيئر اسلام آباد کان داسو ڪيمپ وڃي رهيا هئا.

آپگهاتي حملي ۾ پنج چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن

ڊي آءِ جي مالاڪنڊ چيو آهي ته حملي آورن چيني مسافرن جي ڪار سان بارود سان ڀريل ڪار کي ٽڪر هنيو

چيني مسافر ڪار جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي

Read Previous

صدر آصف علي زرداري پهرين اپريل تي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

Read Next

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي جي کوٽ وڌي وئي

Most Popular