صدر آصف زرداري سان آرمي چيف جي ملاقات، فوج خلاف سياسي پارٽين جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد: (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري سان آرمي چيف سيد عاصم منير ملاقات ڪئي آهي. آرمي چيف صدر آصف زرداري کي پاڪستان جي صدر ۽ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪامياب مدي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف صدر آصف زرداري کي دهشتگردي جي خلاف جاري فوجي آپريشن کان آگاهه ڪيو ۽ روايتي خطرن جي خلاف آپريشنل تيارين تي به روشني وڌي. هن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي علائقن سميت ترقياتي منصوبن ۾ فوج جي ڪردار  جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.

صدر آصف زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مثالي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته رياست جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ ۾ فوج جي خدمت اهم حيثيت رکي ٿي. صدر آصف زرداري قومي  طاقت سان سمورن عنصرن کي دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو عزم پڻ ڪيو.

آصف زرداري هڪ مخصوص سياسي پارٽي ۽ ان جي ڪجهه ماڻهن طرفان اداري ۽ ان جي قيادت خلاف محدود سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ لڳايل بي بنياد ۽ بنا جواز جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اهڙن عناصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو.

Read Previous

چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين وارا خط اماڻيا ويا

Read Next

سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوارڪامياب

Most Popular