چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين وارا خط اماڻيا ويا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 ججز کي ڌمڪين وارا خط ملڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين وارا خط ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جس اطهر من الله، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل کي ڌمڪين وارا خط پهرين اپريل تي اماڻيا ويا هئا.

ذريعن موجب مذڪوره چئني خطن ۾ پائوڊر نڪتو چئن ئي خطن ۾ ڌمڪين واريون شڪلون ٺاهيون ويون هيون. ذريعن ٻڌايو ته عدالت سڳوري جي چئني ججز کي خط ملڻ جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽيمنٽ(سي ٽي ڊي) ۾ داخل ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردي جي انت واري اداري(سي ٽي ڊي) جي ٽيم انهي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان ملاقات ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي لکيل خطن تي ان سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون.

هوڏانهن وفاقي پوليس ججن کي خط ملڻ جو ڪيس ڌار کان داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو  سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ججز کي ملندڙ ڌمڪين وارن خطن جي معاملي تي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل(ڊي آءِ جي) آپريشن شهزاد بخاري ۽ سپرنٽينڊنٽ پوليس(ايس پي) سي ٽي ڊي همايون حمزه عدالت جي آڏو پيش ٿيو.

ڊي آءِ جي ٻڌايو ته اڃان تائين ڪنهن وٽ انسپيڪٽر جنرل جو فعل چارج نه آهي. ان لاءِ اسلام آباد پوليس جا سمورا آپريشنز مان ڏسي رهيو آهيان. ڪيميائي معائني جي لاءِ نمونا اماڻيا ويا آهن. 3 کان چئن ڏينهن ۾ رپورٽ اچي ويندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪٿان کان خط پوسٽ ڪيا ويا ڊي آءِ جي ٻڌايو ته اسٽيمپ پڙهڻ ۾ نه پئي اچي. اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز کي به انهي نالي سان خط مليا آهن.

جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اوهان اڃان تائين اسٽيمپ جي پٺيان پيل آهيو، ڇا سمورا خط هڪ ئي پوسٽ آفيس مان ايندا آهن؟ ڊي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته خطن تي اسٽيمپ هلڪي لڳل آهي پر راولپنڊي جي اسٽيمپ پڙهڻ جهڙي آهي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻنهي آفيسرن لفافا ڏٺا آهن؟

ايس ايس پي سي ٽي ڊي جواب ڏنو ته ظاهري طور تي راولپنڊي جنرل پوسٽ آفيس لڳي رهي آهي، جي پي او ۾ پوسٽ ناهي ٿي خط ڪنهن ليٽر باڪس ۾ وڌا ويا آهن. اسان انهي ليٽر باڪس جي سي سي ٽي وي ۽ ايريا جي معلومات وٺي رهيا آهيون ان حوالي سان جاچ جاري آهي.

پوليس اختيارين چيو ته جاچ جي لاءِ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. چيف جسٽس عامر فاروق پڇيو ته اوهان ڪيس داخل ڪيو، هينئر تائين ڪهڙي اڳڀرائي سامهون آئي آهي؟ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ٻڌايو ته اسان نمونا ليب ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن ۽ ڊائريڪٽر سان به منهنجون ڳالهيون ٿي ويون آهن. ٻڌڻي دوران پوليس اختيارين انڪشاف ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ججز کي به خط مليا آهن.

Read Previous

چيني ڪمپني ديامر ڀاشا ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو

Read Next

صدر آصف زرداري سان آرمي چيف جي ملاقات، فوج خلاف سياسي پارٽين جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار

Most Popular