سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (اربع: 03 اپريل 2024ع) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ  جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڏني آهي ته عدالتن طرفان ڀرتين تي لڳايل پابندي به ختم ڪئي ويندي.

رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪار، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ لاڳاپيل کاتي جا سيڪريٽري شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ سنڌ ڪابينه سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير قانون واري ۽ وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي هديت ڪئي ته اهو عدالتن مان ڀرتين تي پابندين کي ختم ڪري.

اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج امپرومينٽ پراجيڪٽ(ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي) ڊونر ايجنسيز جي تعاون سان 100 ملين ڊالر جا پراجيڪٽس شروع ڪيا آهن. ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي پراجيڪٽ صاف پاڻي جي فراهمي، واٽر بورڊ جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ جي لاءِ آهي.

هن ٻڌايو ته ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي گڏيل لاڳت جو 40 سيڪڙو ورلڊ بيڪ، 40 سيڪڙو اي آءِ آءِ بي ۽ 20 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي.

اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جي 646.756 ملين روپيه جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سنڌ ڪابينه لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي لاءِ 400 ملين روپين جي به منظوري ڏني.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط مليا: رجسٽرار آفيس طرفان تصديق

Read Next

گلشن حديد اسڪول وڊيوز اسڪينڊل، پوليس روپوش جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular