گلشن حديد اسڪول وڊيوز اسڪينڊل، پوليس روپوش جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

گلشن حديد ۾ اسڪول پرنسپال جي فحش وڊيوز واري ڪيس ۾ پوليس روپوش جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

جاچ پوليس موجب جوابدار ڪاشف شاهه گذريل 4 مهينن کان روپوش هو، ڪاشف شاهه مک جوابدار عرفان ميمڻ جو سنڍو آهي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاشف شاهه سي سي ٽي وي مڪينڪ سان گڏجي پرنسپال جا فحش وڊيوز وائرل ڪيا هئا

پوليس موجب اسڪول جو پرنسپال عرفان عورتن کي نوڪريءَ جا ڏٽا ڏئي ساڻن زيادتي ڪندو هو، وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون

پوليس جو چوڻ هو ته عرفان ميمڻ کي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو ويو هو

Read Previous

سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سرحد پوليس ۽ رينجرز جو ڪچي ۾ گڏيل آپريشن، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو

Most Popular