سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز کي اماڻيل خطن ۾ آرسينڪ زهر موجود ، انڪشاف

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز کي اماڻيل خطن ۾ آرسينڪ زهر موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورينزڪ ليب جي رپورٽ موجب خطن مان مليل پائوڊر ۾ آرسينڪ زهر جو 10 سيڪڙو مقدار موجود هو

پائوڊر ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آرسينڪ مقدار انتهائي زهريلو هجي ٿو، ان کي سنگهڻ سان انسان جا اعصاب سخت متاثر ٿين ٿا

سي ٽي ڊي ذريعن موجب خطن مان ملندڙ پائوڊر جا سيمپل چڪاس لاءِ فورينزڪ ليب پنجاب اماڻيا ويا هئا،

 سي ٽي ڊي سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون جي ليٽر باڪسز وارن ويجهن علائقن جا سي سي ٽي وي فٽيج به هٿ ڪري ورتا

 فٽيج ۾ نظر اندڙ شڪي ماڻهن کان پڇاڳاڇا ۽ نادرا ذريعي انهن جي تصديق ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Read Previous

بدين واسڻ ناري حيدرآباد ۾ مبينا بدترين تشدد بعد قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، موت کان اڳ رڪارڊ ڪيل وڊيوز وائرل

Read Next

پي ايس 112 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل

Most Popular