پي ايس 112 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس 112 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، ڪياماڙي ضلعي ۾ پي ايس 112 تي عام چونڊن دوران پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سربلند خان ڪامياب ٿيو هو

 سربلند خان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ واري فيصلي کي اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، سربلند خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٻن مهينن کان اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهيان، گذريل ڏينهن ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وئي

 قاعدن موجب ٻِيهر ڳڻپ 5 سيڪڙو يا ان کان گهٽ ووٽن جي فرق تي ٿيندي آهي، مون کي پيپلزپارٽي جي اميدوار تي 11 سيڪڙو ووٽن جي سرسي حاصل هئي، آر او پاران ٻيهر ڳڻپ ڪرائي پ پ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

 عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کان 18 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو، پي ايس 112 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد نتيجا تبديل ٿي ويا هئا

آر او موجب ٻيهر ڳڻپ بعد پيپلزپارٽي جو محمد آصف ڪامياب ٿيو، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد پيپلزپارٽي جي محمد آصف 11 هزار 724 ووٽ حاصل ڪيا، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار سربلند خان کي 9 هزار 847 ووٽ ملي سگهيا

Read Previous

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز کي اماڻيل خطن ۾ آرسينڪ زهر موجود ، انڪشاف

Read Next

ڀارت کي خيرات ۾ پائلٽ واپس ڪيو هو: خواجه آصف

Most Popular