ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ سوا ڪروڙ روپين جي ڦر دوران مزاحمت تي 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ سوا ڪروڙ روپين جي ڦر دوران مزاحمت تي 2 ڄڻا مارجي ويا، پوليس موجب فاطمه مسجد ويجهو هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ شير عالم ۽ ذاڪر طور ٿي، هڪ ڪروڙ 35 لک روپين جي ڦر دوران مزاحمت تي ٻنهي کي ماريو ويو، ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي چيو ته مارجي ويل شير عالم ۽ ذاڪر پولٽري فارم جا ملازم هئا، ڳري رقم کڻي بينڪ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن کين روڪي ورتو، واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل ۽ رائيفل جي گولين جا خول مليا، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار واقعي بعد علائقي جي ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه به نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير چيو آهي ته اهڙا واقعا قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن، سچل جي علائقي سڪندر ڳوٺ ۾ به موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج سامهون اچي ويا، هٿياربندن گاڏيءَ ۾ سوار عورتن جي سامهون شجاعت علي کي گوليون هڻي قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو

Read Previous

ڪوٽڙي ۾ پراسرار طور گم ٿي ويل ٻارڙي جو علائقي جي بند پيل هڪ گهر مان لاش هٿ

Read Next

آءِ جي سنڌ جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ موجودگي دوران مبينا اغوا جو هڪ وڌيڪ واقعو

Most Popular