آءِ جي سنڌ جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ موجودگي دوران مبينا اغوا جو هڪ وڌيڪ واقعو

آءِ جي سنڌ جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ موجودگي دوران مبينا اغوا جو هڪ وڌيڪ واقعو، ڪنڌڪوٽ جي سبزي منڊي ويجهو بخشاپور واسي پورهيت سرور ٿهيم مبينا طور اغوا، پورهيت سرور ٿهيم سبزي منڊي مان ڀاڄيون ۽ فروٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ خريداري ڪرڻ بعد هوٽل تي چانهن پيئڻ ويو ته هٿياربندن کيس کنڀي ورتو، وارثن موجب سرور ٿهيم فون ڪري ٻڌايو ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، وارثن پاران مغوي پورهيت جي فوري بازيابي جو مطالبو، گذريل ڏينهن ڌاڙيلن بخشاپور ويجهو دوائن جي ڪمپني جي ملازم سراج گولاٽو کي سندس چئن سالن جي پٽ شهريار سوڌو اغوا ڪيو هو

Read Previous

ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ سوا ڪروڙ روپين جي ڦر دوران مزاحمت تي 2 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪراچي ۾ 2 شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس

Most Popular