وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪراچي ۾ 2 شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپين جي ڦر دوران مزاحمت تي 2 شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، وڏي وزير چيو آهي ته اهڙا واقعا قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن، جن علائقن ۾ ڏوهه وڌيڪ آهن اتي پوليس جو گشت وڌايو وڃي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار واقعي بعد علائقي جي ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سائيٽ واري علائقي ۾ پولٽري فارم جا ملازم شير عالم ۽ ذاڪر هڪ ڪروڙ 35 لک روپين جي رقم بينڪ کڻي وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن کين روڪي ورتو، مزاحمت تي فائرنگ ۾ شير عالم ۽ ذاڪر مارجي ويا، ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي جو چوڻ آهي ته ايڏي ڳري رقم منتقل ڪرڻ بابت پوليس کي آگاهه نه ڪيو ويو هو، واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل ۽ رائيفل جي گولين جا خول مليا، سچل جي علائقي سڪندر ڳوٺ ۾ به موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج سامهون اچي ويا، هٿياربندن گاڏيءَ ۾ سوار عورتن جي سامهون شجاعت علي کي گوليون هڻي قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو

Read Previous

آءِ جي سنڌ جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ موجودگي دوران مبينا اغوا جو هڪ وڌيڪ واقعو

Read Next

تحريڪ انصاف پاران سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

Most Popular