عام ماڻهوءَ کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عام ماڻهوءَ کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.

اڳواڻي وزيراعظم نواز شريف شاهه ڪوٽ مان چونڊجي آيل پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر رانا محمد ارشد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.

ان دوران گفتگو ڪندي ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ننڪانا شاهه ڪوٽ جي عوام کي مان سلام پيش ڪيان ٿو ، ننڪانه ۾ جلسي دوران جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ويندا.

ان وڌيڪ چيو ته ننڪانا ۾ تعليمي ادارا ٺاهي سموري صوبي ۾ خوشحالي جو دور واپس آڻينداسين ، نون ليگ نوجوانن ۽ عام ماڻهن کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي.

Read Previous

بهاولنگر واقعي تي گڏيل جاچ ٽيم قائم: ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو: پاڪ فوج

Read Next

خيبرپختونخواهه: بونير ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، گهربل دهشتگرد مارجي ويو، 2 جوان شهيد

Most Popular