وفاقي حڪومت جو ڪچي ۾ ڌڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو

وفاقي حڪومت ڪچي ۾ ڌڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت نظرثاني ڪميٽي جو اجلاس نيڪٽا هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو

اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، نيڪٽا جي سربراهه ۽ ڊي جي ايف آءِ اي شريڪ، سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت-بلتستان ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

 اجلاس جي پڌرنامي موجب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گڏيل آپريشن ذريعي ڪچي جي علائقن مان  ڌاڙيلن جو مستقل خاتمو ڪيو ويندو، ڪچي جي علائقن ۾ گڏيل آپريشن لاءِ ڊرون سميت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي

Read Previous

چمبڙ ويجهو استاد شادي ڏينهن به ٻارڙن کان پيپر وٺڻ لاءِ اسڪول پهچي ويو

Read Next

دهشتگردن پرڏيهي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: ڊي آءِ جي ايسٽ

Most Popular