دهشتگردن پرڏيهي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: ڊي آءِ جي ايسٽ

ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر چيو آهي ته  دهشتگردن پرڏيهي شهرين  کي نشنو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، حملي آور دهشتگردن پيادل اچي گاڏي تي حملو ڪيو، حملي آورن وٽ 6 دستي بم، ايس ايم جي ۽ 3 ميگزين هئا، حملي آورن وٽ پيٽرول جون 2 بوتلون به هيون

ميڊيا سان ڳالهائيندي اظفر مهيسر چيو ته جنهن وين کي نشانو بڻايو ويو، ان جي پويان ڪمپني آفيسر جي گاڏي هئي، آفيسر جي گاڏي جي پويان ڪمپني جي سڪيورٽي گارڊن جي گاڏي هئي

ڌماڪي بابت هن وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن وين تي فائرنگ ڪئي، سڪيورٽي گارڊز جي جوابي فائرنگ ۾هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ٻي دهشتگرد وين ڀرسان اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

 آپگهاتي بمبار جي منڍي ۽ ڪجهه عضوا  واقعي واري هنڌ تان هٿ آيا، فنگر پرنٽس ذريعي مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پرڏيهي شهرين کي ڌمڪيون مليون هيون، سڪيورٽي خدشن سبب پوليس به الرٽ هئي، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ لاءِ پلان تيار ڪيو ويو هو

Read Previous

وفاقي حڪومت جو ڪچي ۾ ڌڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو

Read Next

ڪينيا جي آرمي چيف سميت ڏهه فوجي آفيسر هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

Most Popular